قاضي مقصود گل

قاضي مقصود گل

قاضي مقصود گل

قاضي مقصود گل: شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ تعليمدان قاضي مقصود گل جو پورو نالو قاضي مقصود حيات هو. سندس جنم 15 اپريل 1950ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ قاضي عبدالحئي ’قائل‘ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد پڻ پنھنجي دؤر جو برک شاعر، استاد، صحافي ۽ سماج سڌارڪ هو. قاضي مقصودگل سنڌي ادب ۽ اقتصاديات ۾ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيون، جڏهن ته سانگهڙ ڪاليج مان ڊرائنگ ٽيچر جو امتحان پاس ڪري 1969ع کان 1974ع تائين هاءِ اِسڪول سيتا روڊ، ضلعي دادو ۽ هاءِ اِسڪول بنگلديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ڊرائنگ جي استاد طور نوڪري ڪئي. 1974ع ۾ سر شاهنواز ڀٽو شگر مل، نئين ديري ۾ اپرينٽس آفيسر، اسسٽنٽ مئنيجر ۽ ڊپٽي مئنيجر اسٽورز طور ملازمت ڪئي.1993ع کان 1995ع تائين ’اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن‘ ۾ ملازمت ڪئي. 1995ع ۾ هن پنھنجي والد جي نالي سان رتيديري ۾ ’عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول‘ قائم ڪيو، جنھنن جو پاڻ باني پرنسپال ٿي رهيو. 1975ع کان هن شاعريءَ جي شروعات ڪئي. رتيديري ۾ ’لطيف ادبي سنگت‘ جو پنھنجي والد سان گڏجي بنياد رکيو.قَاضي مقصودگل، ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ سان گڏجي ’سنڌ سُگهڙ سنگت‘ جي پيلٽفارم تان لوڪ اَدب ۽ سنڌ جي سُگهڙن لاءِ پڻ ڪم ڪيو. هن ٻارڙن جو ٽماهي رسالو ’گلدستو‘ پڻ جاري ڪيو، جنھن جو پاڻ ايڊيٽر رهيو. قاضي مقصودگل، مُلڪي توڙي بين الاقوامي حالتن کي نظر ۾ رکندي، حالاتِ حاضره جي موضوع تي بيشمار قطعا پڻ لِکيا، جيڪي سنڌ جي مختلف اَخبارن عوامي آواز، پُڪار، مھراڻ ۽ هلال پاڪستان ۾ روزاني جي بُنياد تي ڇپجندا رهيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ڪرڻا ڪرڻا‘ (ٻارن لاءِ شاعري)، ’رت ڀنا رابيل‘ (شاعري)، ’هٺيلي هرڻي‘ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون)، ’اَکڙيون نيل ڪنول‘ (شاعري)، ’عشق سمندر‘ (سچل سرمست جي فارسي مثنوين جو منظوم اردو ترجمو: ٻه ڇاپا)، ’رتوديرو‘ (مختصر تاريخ)، ’اي آهو چشم ڪدهر‘ (شيخ اياز جي ٻن ڪتابن ’هرڻ اَکي ڪيڏانھن‘ ۽ ’پور ڪري'>پتڻ ٿو پور ڪري‘ جو منظوم اُردو ترجمو)، ’زندگيءَ ڏي موٽَ‘ (ڪرشن چندر جي ڪھاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو)، ’وکريل موتي‘ (ترتيب)، اَندر رُوحَ رهيام‘ (ترتيب)، ’هيرن هار‘ (ٻارهين ڪلاس جي سنڌي نصاب جي شرح) ۽ ’اُردو سليس‘ (يارهين درجي جي اُردو نصاب جي شرح) شامل آهن. قاضي مقصودگل کي ڪيترائي اوارڊ پڻ مِليا، جن ۾: سچل اوارڊ، سچل چيئر اوارڊ، پي. ٽي. وي اوارڊ، حامي لائيف ٽائيم اَچيومينٽ اوارڊ، ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ ۽ ٻيا شامل آهن. هن 14 فيبروري 2015ع تي رتيديري ۾ وفات ڪئي. وفات کانپوءِ سندس شخصيت، يادن، مضمونن ۽ تعزيتي تاثرات تي آڌاريل ڪتاب ’گُل ڇِنو گرنار جو‘ جي نالي سان ڇپيو، جيڪو سندس فرزند ياسر قاضيءَ ترتيب ڏِنو آهي.


لفظ قاضي مقصود گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.04.15  عيسوي

شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ تعليمدان قاضي مقصود گل جو پورو نالو قاضي مقصود حيات هو. سندس جنم 15 اپريل 1950ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ قاضي عبدالحئي ’قائل‘ جي گهر ۾ ٿيو.


2015.02.14  عيسوي

قاضي مقصود گل 14 فيبروري 2015ع تي رتيديري ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

البرٽ ڪامئو
احمد حسين اي قاضي
قربان علي سڪندري ڪلهوڙو
سرائي علي گوهر خان
شاهه محمد صوفي
اين ايم عقيلي
پير آغا عبدالله جان سرهندي
آغا محمد علي
علياڻي ڪبير خان
اي شاهه شڪارپوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون